درگاهه هوٿي، نوٿي

درگاهه هوٿي، نوٿي

درگاهه هوٿي نوٿي

درگاهه هوٿي، نوٿي: هي درگاهه ٻن بزرگن جو مدفن آهي، جيڪي ٻئي ڀائر چيا وڃن ٿا. انهن مان هڪ جو نالو هوٿي ۽ ٻئي جو نوٿي هو. هنن ٻنهي بزرگن لاءِ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي ستين صدي هجريءَ ڌاري ايران مان سنڌ ۾ اچي هن جاءِ تي رهيا، جتي سندن درگاهه آهي. سندن لاءِ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته اهي ٻئي اهل الله بزرگ ايران جي بزرگ حضرت نورانيءَ جا پٽ هئا. هيءَ مزار احمدپور روڊ تي تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. ٻنهي بزرگن جون مزارون هڪ ئي مقبري ۾ آهن، مقبري جي عمارت جي ڀرسان هڪ مسجد به تعمير ڪئي وئي آهي. مقبرو ٻيهر تعمير ٿيل ڏسجي ٿو، جنهن ۾ سرن ۽ سيمينٽ ۽ استعمال ڪيل آهي. مقبري جي مهاڙيءَ ۾ ڪاشيءَ جون سرون نصب ڪيل آهن، جيڪي عمارت کي زيبائتو ڪيو بيٺيون آهن. عمارت جي اڳياڙي کان ٻنهي پاسي مينار تعمير ٿيل دروازو ونگ سان چوڪاٽي ۾ ڇڏيل اٿس. مقبري جو ڳچ اٺ ڪنڊائون، ڄاريدار آهي، جنهن تي گنبذ آهي. گنبذ مٿان ابتو ڪنول جو گل ۽ ان مٿان وري نيل لڳل آهي. مقبرو عام مقامي ماڻهن جي زيارتگاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو